وفاقي وزير قومي غذائي تحفظ رانا تنوير حسين کنڊ 180 روپيه في ڪلو ۾ وڪرو ٿيڻ جي خبرن کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو آهي. کنڊ جي قيمتن بابت اهم ڳالهيون ڪندي وفاقي وزير چيو ته ميڊيا تي پکڙجندڙ افواهن جو مقصد عوام ۾ بي يقيني پيدا ڪرڻ آهي ۽ اهي سمورا بيان پروپيگنڊا جي شڪل اختيار ڪري چڪا آهن. هن چيو ته ملڪ ۾ کنڊ جي قيمتن ۾ ڪوبه اضافو نه ٿيو آهي. حڪومت کنڊ جي قيمتن تي ايڪشن ورتو جنهن سبب کنڊ پنج روپيه في ڪلو سستي ٿي. حڪومت صوبن سان گڏ ملي انهي مسئلي جو جائزو وٺي رهي آهي ۽ يقين ڏياري ٿي ته کنڊ جي قيمتن ۾ ڪوبه اضافو نه ٿيندو. رانا تنوير چيو ته مارڪيٽ ۾ کنڊ جي قيمت 164 روپيه في ڪلو آهي، وزيراعظم کنڊ جي قيمت مقرر ڪرڻ جي لاءِ اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي آهي. وفاقي وزير چيو ته کنڊ جي قيمت ۾ مسئلو ذخيرو ڪندڙن ۽ منافعي خورن جي ڪري رهيو آهي. ذخيرو ڪندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ملڪ ۾ وڏي مقدار ۾ کنڊ موجود آهي ڪنهن کي به قيمتون وڌائڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته کنڊ جي کوٽ جي حوالي سان هلندڙ ميڊيا مهم نه صرف بي بنياد آهي پر انهي جو مقصد مارڪيٽ ۾ کوٽ پيدا ڪرڻ به آهي. کنڊ جي ايڪسپورٽ جي باري ۾ پيش ڪيل خبرون حقيقتن کان مڪمل طور تي تڪراري آهن، انهن ۾ ڪنهن به قسم جي سچائي نه آهي.