تفصيل موجب سلطانپور ڀرسان ڳوٺ باتي چوڪ اسٽاپ تي ويئن فور ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سهڪار سان هڪ ڏينهن جي فري اکين جي اسڪيننگ ڪميونٽي ڪئمپ لڳائي وئي جنهن ۾ علائقي جي اکين جي مرض ۾ مبتلا ماڻهن جنهن عورتون ٻارڙا پڻ شامل هئا تن جون چڪاسون ڪري کين نظر جا چشما ۽ اکين جا ڊراپس ۽ ٻيون دوائون ڏنيون ويون ان موقعي تي سياسي سماجي شخصيت مامي حاجن مهر ۽ جادل منگي ۽ ڪئمپ جي انچارج اساما ٻڌايو ته ويئن فور ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سهڪار سان هي ڪئمپ لڳائي وئي آهي جنهن ۾ ڪيترائي مريض مستفيد ٿيا آهن اسان جي ڪوشش هوندي آهي ته علائقي جي پٺتي پيل ڳوٺن ۾ اهڙيون سرگرميون ڪريون جتي صحت جهڙين سهولتن جي اڻاٺ آهي ان وقت فائونڊيشن جي انچارج اساما ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي تنظيم پوري ملڪ اندر مختلف شعبن تي ڪم ڪندي آهي جنهن ۾ اکين جي موذي مرضن کان وٺي اکين جي آپريشن تائين سمورو خرچ فائونڊيشن پڻ برداشت ڪندي آهي اڄ هتي ٻاهراڙي وارن علائقن ۾ پهچي خوشي ٿي آهي ته غريب بي پهچ ماڻهو ان سهولت مان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن، ڪئمپ صبح نائين وڳي کان شام ڇهين وڳي تائين لڳائي وئي جنهن ۾ سوين مريضن جو علاج پڻ ڪيو ويو ۽ کين دوائون توڙي مفت مشورا ڏنا ويا