ويسٽ انڊيز پاڪستان خلاف ون ڊي سيريز لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ويسٽ انڊيز پاڪستان جي خلاف ون ڊي سيريز جي لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ بورڊ اربع تي پاڪستان جي خلاف 3 ميچز تي ٻڌل هوم ون ڊي سيريز جي لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو، اها سيريز 8 کان 12 آگسٽ تائين کيڏي ويندي. 3 ون ڊي ميچز 8، 10 ۽ 12 آگسٽ تي کيڏيا ويندا پاڪستان جي خلاف ون ڊي سيريز لاءِ ويسٽ انڊيز ٽيم جي قيادت شائي هوپ ڪندو. انهي کان علاوه اسڪواڊ جي ٻين رانديگرن ۾ جيول اينڊريو، جيديا بليڊز، ڪيسي ڪارٽي، روسٽن چيز، ميٿيو فورڊ، جسٽن گريوز، عامر جائگو، شمار جوزف، بينڊن ڪنگ، ايون لوئس، گڊاڪيس موتي، ٿرفوڊ، جيڊن سيلز ۽ رومار يوشيفرڊ شامل آهن. ياد رهي ته پاڪستان ويسٽ انڊيز جي خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ 1-2 تان ڪاميابي حاصل ڪئي هئي.