وڏا ماڇيون جي رهواسي، لاريب ڪميونيڪيشن جي مالڪ محمد اسلم سولنگي، عمير سولنگي ۽ سليم احمد سولنگي، پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (BISP) جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر گمبٽ، اخلاق احمد مغل ۽ عقيل عباس شاهه سندن دڪان مان بنا جواز ٻه ڊوائيز، هڪ موبائل فون (Evo) ۽ 21 لک 84 هزار رپيا روڪ رقم زبردستي کڻي ويا.
هنن ٻڌايو ته جڏهن سامان ۽ رقم واپس ڪرڻ لاءِ چيو ويو ته کين پيرجوڳوٺ سينٽر اچڻ لاءِ چيو ويو. پر سولنگي خاندان ناريجا تڪرار جي ڪري سينٽر تي وڃڻ کان معذرت ڪئي ۽ پوليس يا BISP انتظاميا کان تحفظ جي درخواست ڪئي، پر ڪو به جواب نه مليو.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته هنن پنهنجي شڪايت BISP جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر لطيف جوڻيجو ۽ ٻين اعليٰ اختيارين تائين پهچائي، پر اڃا تائين ڪنهن قسم جو عملي قدم نه کنيو ويو آهي.
سندن مطالبو آهي ته:
- معاملي جو نوٽيس وٺي، بنا جواز کڻي ويل رقم ۽ سامان واپس ڪرايو وڃي.
- ملوث آفيسرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
- متاثر خاندان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
هن اهم معاملي تي اعليٰ اختيارين کان ترت نوٽيس وٺڻ ۽ انصاف فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.