وڪيلن جي گارين سان پوليس جو معيار متاثر ٿيو، حيدرآباد جي ايس ايڇ اوز احتجاج طور موڪلن جون درخواستون ڏئي ڇڏيون

سنڌ جي ٻئين وڏي شهر حيدرآباد جي چئن اسٽيشن هائوس آفيسرز(ايس ايڇ اوز) احتجاج جي طور تي هڪ مهيني جي موڪلن جون درخواستون ڏئي ڇڏيون آهن. موڪلن جون درخواستون ڏيندڙن ۾ انسپيڪٽر جنيد عباس ايس ايڇ او مارڪيٽ ٿاڻو، انسپيڪٽر عبدالرزاق پٺاڻ ايس ايڇ او ڪينٽ، انسپيڪٽر طاهر حسين مغل ايس ايڇ او بي سيڪشن ۽ انسپيڪٽر محمد فهيم فتح انچارج لطيف آباد شامل آهن. ايس ايڇ اوز طرفان ڏنل موڪل جي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته وڪيلن پنهنجا ناجائز مطالبا مڃرائڻ جي لاءِ ايس ايس پي آفيس ۾ ڌرڻو هنيو. هنن چيو ته وڪيلن جي ڌمڪين ۽ گارين سان پوليس جو معيار متاثر ٿيو آهي. فرضن جي ادائيگي ۾ پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ايس ايڇ اوز موجب پوليس کاتي جي تذليل ڪئي وئي. ڪرمنل سوچ جا ماڻهو طعنا ڏئي رهيا آهن جنهن سان پوليس جو وقار مجروح ٿيو آهي. ٻئي طرف ڊي آءِ جي طارق ڌاريجو ۽ ايس ايس پي فرخ لنجار ايس ايڇ اوز سان ملاقات ڪئي. ڊي آءِ جي طارق ڌاريجو چيو ته ڊيوٽي دوران اسان کي اهڙين حالتن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. سمورا آفيسر پنهنجو ڪم جاري رکن ۽ موڪل جي درخواست واپس وٺن. ياد رهي ته گذريل ڏينهن وڪيلن ايس ايس پي آفيس ۾ ڌرڻو هنيو هو ۽ ڪيس واپس وٺڻ جي يقين ڏيارڻ کان پوءِ وڪيل برادري طرفان احتجاج ختم ڪيو ويو هو.