لبنان جي حڪومت جا ویزا ڏيڻ تي شڪرگذار آهيون، شام مان 300 کان وڌيڪ پاڪستاني بحفاظت وطن واپس پهچي ويا: پرڏيهي کاتو۔

پرڏيهي کاتي موجب، شام مان 300 کان وڌيڪ پاڪستاني بحفاظت ملڪ واپس پهچي ويا آهن۔ پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هفتيوار ميڊيا بريفنگ دوران ٻڌايو ته شام مان واپس ايندڙن ۾ زيارت لاءِ ويل ماڻهو به شامل آهن۔ ترجمان وڌيڪ چيو ته شام ۾ موجود پاڪستاني سفارتخانو اتي جي سڀني پاڪستانين جي مدد ڪري رهيو آهي۔ ترجمان جو چوڻ هو ته، “اسان لبناني حڪومت جا شڪرگذار آهيون، جن پاڪستانين کي تڪڙي ويزا فراهم ڪئي۔” ان موقعي تي، ممتاز زهره بلوچ عالمي مسئلن تي به ڳالهايو۔ هن چيو ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگرديءَ جي ڪارروائيءَ جي مذمت ڪري ٿو ۽ عالمي برادري کي گهرجي ته اسرائيل جي جنگي ڏوهن جو نوٽيس وٺي۔ ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان شام جي سلامتي ۽ خودمختياري جي حمايت ڪري ٿو ۽ اسرائيلي قبضو ڪيل گولان جي پهاڙين تي اسرائيل جي دعويٰ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو۔ ترجمان موجب، “پاڪستان جو موقف واضح آهي ته شام جا مسئلا بيروني مداخلت ذريعي حل نه ٿي سگهندا، ۽ شام جي عوام جو حق آهي ته هو پنهنجو مستقبل پاڻ طئي ڪن۔” ترجمان دفتر خارجہ وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي سياسي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو ۽ غزه ۾ فوري جنگبنديءَ جو مطالبو ڪري ٿو۔ خليل الرحمٰن حقاني جي وفات بابت ڳالهائيندي، ترجمان چيو ته وزيراعظم ۽ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار پنهنجي ٽوئٽس ذريعي ڏک جو اظهار ڪيو آهي۔