يوم پاڪستان تي صدر ۽ وزيراعظم جو قوم کي پيغام، معاشي حالتون وڌيڪ بهتر ڪرڻ جو اظهار

يوم پاڪستان جي موقعي تي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف قوم کي مبارڪباد پيش ڪندي پاڪ فوج جي قربانين تي کين خراج تحسين پيش ڪيو. پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته هن وقت ملڪ کي سياسي، معاشي ۽ سيڪيورٽي جي وڏن چيلنجز کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. بهادر هٿياربند فوج ملڪ جي دفاع ۾ وڏيون قربانيون ڏئي رهي آهي. هن چيو ته پنهنجي خودمختاري ۽ جغفرافيائي سالميت جي دفاع لاءِ ثابت قدم رهنداسين پر پاڪستاني پنهنجي اختلافن کان مٿانهو ٿي ورهاست ۽ منفي رجحانن کي رد ڪن. صدر يوم پاڪستان جي مک تقريب کي خطاب ۾ اهو به چيو ته اسان کي هڪ اهڙو پاڪستان ٺاهڻو آهي جيڪو طاقتور ۽ ترقي يافته هجي، شاندار پريڊ منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي لاءِ قوم هٿياربند فوج سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته ففٿ جنريشن وار فيئر هڪ اهم چيلينج آهي. اسان باحوصله قوم آهيون، چيلنجز تي قابو ڪرڻ جي صلاحيت رکون ٿا، مادر وطن جي تحفظ لاءِ ڪنهن به قرباني ڏيڻ کان نه گهٻرائينداسين. اسان ٻاهرين ۽ اندروني دهشتگردي جو منهن ٽوڙ مقابلو ڪيو. ڀارت هميشه پاڪستان کي ميري اک سان ڏسندو آهي. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هڪ سال ۾ اسان پاڪستان جي معيشت کي پائيدار ترقي جي رستي تي بيهاريو، ناڻي جي مٽاسٽا ۾ لاڳيتو گهٽتائي سبب سرمائيڪارن جي ڀروسي ۾ اضافو ٿيو. هن اهو به چيو ته عالمي مالياري اداري ۽ ريٽنگ ايجنسيون انهي تبديلي جون حامي آهن، صحيح پاليسيون، نيڪ نيتي ۽ قومي اتحاد سان اسان معاشي خوشحالي حاصل ڪري سگهون ٿا. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي حفاظت ۾ حياتيون قربان ڪندڙ شهيدن کي به سلام آهي، يوم پاڪستان تي اتحاد، ايمان ۽ نظم وضبط  جي اصولن کي ياد رکڻ گهرجي. هوڏانهن پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز به قوم کي يوم پاڪستان جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اڄوڪي ڏينهن غربت ۾ گهٽتائي، مساوات ۽ ڪمزور طبقن جي تحفظ جو عهد ڪريون ٿا. ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو ته اڄوڪو ڏينهن گهر ڪري ٿو ته اسان  ملڪ جي بقا ۽ سلامتي لاءِ ڪردار ادا ڪريون سڀني کي پاڪستان جي اسلامي، فلاحي رياست بنائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. انهي کان علاوه سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري به پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته مضبوط پاليسي اصلاحن جي ذريعي پاڪستان کي مضبوط معيشت بنائينداسين، پاڪستان ۾ خوشحال  نئين دور جي شروعات جلد ٿيندي.