تفصيل موجب آمريڪا جي پاڪستان سان ويجهو ٿيڻ جو عمل تيزي سان جاري آهي. صدر ٽرمپ پاران لاڳو ڪيل نون ٽئريفن کان پوءِ پاڪستان جي ٽيڪسٽائل انڊسٽري جي واڌ ويجهه جا امڪان روشن ٿي ويا آهن غير ملڪي ميڊيا رپورٽ مطابق، وائيٽ هائوس پاران هڪ اعلاميو جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٽرمپ انتظاميه پاڪستاني برآمدات تي 19 سيڪڙو ٽئريف لاڳو ڪيو آهي، جڏهن ته ڀارت تي 25 سيڪڙو ٽئريف لاڳو ڪيو ويو آهي آمريڪي صدر مختلف ملڪن تي ٽئريف لاڳو ڪرڻ بابت ايگزيڪيوٽو آرڊر تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن، جنهن ۾ سڀني ملڪن تي لاڳو ٽئريف جي تفصيل ڏني وئي آهي.
آرڊر مطابق:
ڪينيڊا تي ٽئريف 25 سيڪڙو مان وڌائي 35 سيڪڙو ڪيو ويو آهي
ڀارت تي 25 سيڪڙو
بنگله ديش تي 20 سيڪڙو
ترڪيه، افغانستان ۽ اسرائيل تي 15 سيڪڙو
جنوب آفريقا تي 30 سيڪڙو
ويتنام تي 20 سيڪڙو
وينزويلا تي 15 سيڪڙو
وائيٽ هائوس ذريعن موجب:
سئيٽرزلينڊ تي 39 سيڪڙو
عراق تي 35 سيڪڙو
جاپان تي 15 سيڪڙو
ليبيا تي 30 سيڪڙو
ميانمار تي 40 سيڪڙو
برطانيا تي 10 سيڪڙو
شام تي 41 سيڪڙو ٽئريف لاڳو ڪيو ويو آهي.
نئون ٽئريف اڄ، يعني پهرين آگسٽ کان لاڳو ٿي ويو آهي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هن ٽئريف تجارتي ڳالهين، باهمي صلاح مشوري ۽ معلومات جي بنياد تي لاڳو ڪيا آهن سندس چوڻ هو ته تجارتي خساري ۾ غيرمعمولي واڌ، آمريڪا جي قومي سلامتي لاءِ خطرو بڻجي رهي هئي، جنهن جي ڪري اقتدار سنڀالڻ سان ئي هنگامي بنيادن تي قدم کنيا ويا صدر ٽرمپ چيو ته جيڪي ملڪ تجارتي ڳالهين ۾ ڪامياب ٿيا، تن سان متوازن ٽئريف تي اتفاق ٿيو، جڏهن ته جيڪي ناڪام رهيا، انهن تي اضافي ٽئريف لاڳو ڪيا ويا.