ٺيڙهي سم نالي مان 23 ورهين جي نوجوان جو لاش هٿ: وارثن حوالي، واقعي جي جاچ جاري

پريالوءِ : پريالوء ڀرسان ٺيڙهي جي سم نالي مان نوجوان جو لاش هٿ، ٻٻرلوءِ پوليس لاش ڪڍرائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، پريالوءِ : ڳوٺاڻن اطلاع ڪيو ته سم نالي ۾ نوجوان جو لاش پيل آهي، اطلاع تي پھچي لاش ڪڍرائي اسپتال منتقل ڪيو آهي، پوليس پريالوءِ : نوجوان جي سڃاڻپ 23 ورھين جو ذوالفقار ڳنڀير طور ٿي آهي، نوجوان ٺيڙهي ڀرسان وارث ڳنڀير واري علائقي جو رھواسي آهي، پوليس پريالوءِ : نوجوان جا وارث اطلاع تي پھچي مڙھ اسپتال منتقل ڪرايو، ضروري ڪارروائي بعد نوجوان جو مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، پوليس پريالوءِ : ھٿ آيل نوجوان 2 ڏينهن اڳ گم ٿي ويو هو، کيس وارثن پاران ڳولا ڪئي وئي، اڄ صبح مقامي ماڻهن جي اطلاع تي نوجوان جو لاش هٿ آيو آهي، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون، ٻٻرلوءِ پوليس