ٺڪراٺو تعليم کاتي سنڌ پاران تعليم لاء ڪروڙين روپيه خرچ ڪرڻ جون دعوائون ڌوڙ تعليم کاتي جي لاپرواهي سبب ڳوٺ پير ڪاڪا جو پرائمري اسڪول اسڪول اوطاق ۾ تبديل

ڪراٺو ويجھو ڳوٺ پيرڪاڪا جو اقراء پرائمري اسڪول بنيادي سھولتن کان محروم 8سالن کان اسڪول ۾ استاد مقرر ٿي نه سگيو سوين ٻارڙن جو مستبل داءُ تي لڳل اسڪولي بلڊنگ اوطاق ۾ تبديل ٿي وئي ڳوٺاڻن معصوم ٻارڙن جو احتجاج ٺڪراٺو ويجھو ڳوٺ پيرڪاڪا جو اقراء پرائمري اسڪول بنيادي سھولتن محروم بڻيل آھي 8 سالن کان اسڪول ۾ استاد مقرر ٿي نه سگھيو علائقي جي سوين ٻارڙن جو مستقبل داءُ تي لڳل آھي اسڪولي بلڊنگ اوطاق ۾ تبديل ٿي وئي ڳوٺاڻن معصوم ٻارڙن احتجاج ڪندي چيو ته اميرن جا ٻار شھرن ۾ تعليم حاصل ڪري رھيا آھن اسين غريب چوپايو مال چارڻ , راندروند ڪرڻ ۾ وقت گذاري رھيا آھيون ڪيترائي ٻار اسڪول بند ھجڻ ڪري جوا ۽ سماجي برائين جي ورچڙھي ويا آھن جن جا والدين پريشان حال آھن ھتان جي علائقي واسين تعليم کاتي جي انتظاميه ,چونڊيل نمائيندن ۽ وس وارن کي اپيل ڪندي مطالبو ڪيو ته بند پيل پرائمري اسڪول جي مرمت ڪرائي استاد مقرر ڪري تدرسي عمل جاري ڪيو وڃي جيئن ھتان جي مسڪين ڳوٺاڻن جا ٻار تعليم حاصل ڪري سگھن