ٺڪراٺو : سموري سنڌ جيان گذريل 15 سالن ۾ ٺڪراٺو جي ٻنهي يوسيز ۾ ترقياتي ڪم خواب بڻجي ويا گذريل پندرهن سالن ۾ سنڌ جي وڏي سياسي پارٽي پنهنجي ووٽرن ۽سپورٽن سان ڪابه واعدي وفائي نه ڪئي يوسي مبارڪپور ۽ يوسي روپهر جا روڊ رستا مڪمل طور تباھ هتان هر ڀيري چونڊيل ايم اين اي ۽ ايم پي ايز جون بجيٽون خبر ناهي ڪٿي خرچ ٿيون هتان جي عوام منٽن جو سفر ڪلاڪن ۾ طعي ڪرڻ لڳي علائقي واسي سراپا احتجاج اليڪشن کان اڳ روڊ رستا ٺھرائي ڏيڻ جي گهُر ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌائڻ جو چتاء ٺڪراٺو(رپورٽ )ٺڪراٺي جي 2 يوسين روپهر ۽ مبارڪپور جي ڳوٺن جا روڊ ڪيترن ئي سالن کان تعمير نه ٿي سگهيا علائقي واسي سخت پريشان روڊ ٺھرائي تڪليفن کان بچايو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سخت احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو روڊ ٺهرايو تحريڪ هلائي ويندي علائقي واسي ٺڪراٺي جي 2 يوسين مبارڪپور ۽ روپهر جي ڳوٺن ميان ڪنڍو ڀائي خان مهر ڳاڙھو دڙو آچر مهر بشير آباد لٺ وارو عقل ڳوٺ اوچيئر ڪامل مهر سميت ڪيترن ڳوٺن جا روڊ ورهين کان تعمير نه ٿي سگهيا جنهن سبب علائقي واسين جو اچ وڃ عذاب بڻجي ويو هتان جي ڳوٺاڻن ياسين شاھُ ڪريم بخش مهر جي ايم مهر شعيب علي امام دين گل حسن عابد جاني ملڪ علي اصغر مهر ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا هتان جي چونڊيل نمائندن آڏو روڊ ٺھرائڻ لاء دانهيون آھي پر هن مهل تائين ڪو به کڙتيل ناهي نڪري سگهيو اسان جا روڊ خراب هجڻ سبب سخت تڪليفن سان منهن ڏيئڻو پئجي رهيو آھي ايمرجنسي جي حالت ۾ ڪو مريض وغيره کڻي وڃون ٿا ته سندس فوت ٿي وڃن ٿا ۽ گاڏيون پنچر پڻ ٿي وڃن ٿيون ۽ حادثا پڻ روز جو معمول بڻيل آھن هنن روڊس کاتي وارن سميت سنڌ جي نگران وڏي وزير ۽ ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي ته اسان جي روڊن کي تعمير ڪرائي تڪليفن کان بچايو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سخت احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي روڊ ٺھرايو تحريڪ هلائينداسين جيڪا روڊ تعمير نه ٿيڻ تائين جاري رهندي