ٺڪراٺو لڳ ڳوٺ سورهيه پير مان ٽي نامعلوم چور ڳوٺاڻي ذوالفقار راڄڙ جي گهر ۾ گهڙي ڪري ڀلوڙ نسل جي ڳئون چورائي ويا مبارڪپور پوليس کي بروقت اطلاع ڏنو ويو پر پوليس بروقت نه پهتي ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ پيرا ڳوٺ ڄام ٻڍو مهتم ۾ ڳوٺاڻي عيدن مهتم جي گهر ۾ وڌا جنهن بعد ڳوٺاڻن عيدن مهتم جي گهران ڳئون برآمد ڪئي جنهن بعد ايس ايڇ او مبارڪپور نفري سميت پهتو ڳوٺاڻن جي نشاندهي تي هڪ جوابدار عيدن مهتم کي پوليس گرفتار ڪري ورتو ڳوٺاڻن شهباز راڄڙ, ٻڍل راڄڙ, حاجي ارباب مهر ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته گذريل رات نامعلوم چور ذوالفقار راڄڙ جي گهر ۾ گهڙي ڪري ڳئون چوري ڪري ويا جنهنجو اطلاع بروقت سٽي انچارج ٺڪراٺو شبير لنڊ کي ڏنو جيڪو بار بار فون ڪرڻ بعد به لنوائڻ لڳو جنهن بعد اسان پنهنجي مدد پاڻ عيدن مهتم جي گهر مان ڳئون برآمد ڪئي سي جنهنجو خبرون ميڊيا تي هلڻ بعد ايس ايڇ او مبارڪپور نفري ساڻ ڪري پهتو پر جوابدارن جي گهرن جي سرچ ڪرڻ بعد راڄوڻي ڪرڻ جون ڪوششون ڪرڻ لڳو اسان ٻن ٻين جوابدارن نهال ۽ سرور مهتم کي گرفتار ڪرڻ لاء چوندا رهيا سي پر پوليس جي سستي جي ڪري ٻئي جوابدار گهرن مان فرار ٿي ويا اسين ڊي آء جي ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ٿا ته نوٽيس وٺي ٿيل چوري ۾ ملوث فرار جوابدارن کي گرفتار ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي