ٺڪراٺو : ٽائون ملازم ۽ تعلقه پنوعاقل جو اڳوڻو ايڊمنسٽريٽر عبدالله جهلڻ کان هڪ نجي ٽي وي جي صحافي پاران اليڪشن ڪميشن جي آرڊرز جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو سوال پڇڻ تي مڇرجي پيو صحافي کي ڌڪا ۽ داٻا ٽائون ملازم پي ايس 22 جي پ پ اميدوار ڄام اڪرم الله ڌاريجو جي ورڪ دوران ڊرائيونگ ڪرڻ ۽ اليڪشن ڪمپيئن هلائڻ جو سوال پڇڻ تي ڏمرجي پيو نجي ٽي وي جي رپورٽر مجيد مهر ۽ ٻين صحافين سان بدتميزي ڪرڻ لڳو چيئنلز جي لوگو ۽ صحافين کي ڌڪا ڏئي موتمار ۽ ڪوڙا ڪيس ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏيندي پنهنجي گاڏي ۾ فرار ٿي ويو صحافين پاران اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس وٺڻ جي گُهرَ ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو چتاء ڏئي ڇڏيو