ٺڪراٺو ويجھو ايس اي ايف جي سھڪار سان ھلندڙ عبدالمجيد مھر ماڊل ايليمينٽري اسڪول جي افتتاحي تقريب منعقد ڪئي وئي افتتاحي تقريب ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي ايم ڊي عبدالڪبير قاضي سميت ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي ان موقعي تي ايم ڊي عبدالڪبير قاضي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي اسڪولن ۾ اسان ٻارڙن کي معياري تعليم ڏئي رھيا آھيون 2 لک ٻار جيڪي اسڪولن کان ٻاھر انھن کي پڙھائڻ چاھيون ٿا ايم ڊي چيو ته جيڪي والدين پنھنجن ٻارڙن کي دڪانن ۽ چوپايو مال چارڻ لا۽ موڪلين ٿا اُھي پنھنجن ٻارڙن کي اسڪولن ڏانھن موڪلين جيڪڏھن غربت کي ختم ڪرڻو آھي ته پو۽ ان جو حل تعليم ئي آھي تعليم سان غربت جو مڪمل خاتمو ڪري سگھجي ٿو عبدالڪبير قاضي وڌيڪ چيو ته سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن کي خوشي محسوس ٿي رھي آھي ته اھڙي پوئتي پيل علائقي ۾ ايس اي ايف پارٽنرن سان ملي ڪري اھڙا بھترين ادارا قائم ڪيا آھن جن ۾ تعليم جو معيار بھتر آھي سرڪاري اسڪول جيڪي بند پيا آھن انھن کي اسان کولڻ چاھيون ٿا جيئن تعليم کي ھٿي وٺرائي سگھجي ان موقعي تي ھُن سان ريجنل ھيڊ مقبول احمد لغاري ضلعي ھيڊ صلاح الدين اوستو ميڊم رضوانا رفيق احمد شيخ غلام مرتضا سيلرو اياز علي انصاري منصور ابڙو اسڪول آپريٽر محمد حسن منگي قربان منگي رحمت الله مڱريو ۽ ٻيا گڏ ھئا.