ٺڪراٺو ويجھو مبارڪپور ۾ شاھ محمود قريشي جي گرفتاري ۽ ساڻس پيش آيل تذليل واقعي خلاف غوثيا جماعت جي مريدن جو احتجاجي مظاھرو نعريبازي

رپورٽ موجب ٺڪراٺو ويجھو مبارڪپور ۾ شاھ محمود قريشي جي گرفتاري ۽ ساڻس پيش آيل تذليل واقعي خلاف غوثيا جماعت جي سوين مريدن مين چوڪ وٽ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي ڪئي آھي احتجاج ڪندڙن علي اڪبر مھر قمر الدين مھر گھنورمھر علاءُ الدين مھتم نصير احمد ضمير حسين شاھ ۽ ٻين چيو آھي ته مخدوم شاھ محمود قريشي کي سياسي انتقام جو نشانو بڻائيندي کيس گرفتار ڪري مٿس تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايو ويو آھي جنھن عمل سان سندس مريدن ۽ چاھيندڙن جي دل آزاري ڪئي وئي آھي احتجاج ڪندڙن چيو آھي ته شاھ محمود قريشي ملڪ جي سلامتي ۽ ڀلائي لا۽ ھميشه پنھنجو ڪردار ادا ڪيو آھي پر کيس بنا ڪنھن ڏوھ جي گرفتار ڪرڻ ۽ مٿس تشدد ڪرڻ ناقابلي برداشت آھي احتجاج ڪندڙن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سميت نگران سرڪار کان مطالبو ڪيو آھي ته بنا ڏوھ جي گرفتار ڪيل غوثيا جماعت جي روحاني پيشوا ۽ ملڪ جي سينيئر سياستدان شاھ محمود قريشي کي جلد کان جلد آزاد ڪري مٿس تشدد ڪندڙ پوليس آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.