رپورٽ موجب ٺڪراٺو ويجھو ڳوٺ سانوڻ سوڍڙو جي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ۾ سھولتن جي اڻھوند آھي فرنيچر سميت ٻين سھولتن جي کوٽ خلاف اسڪولي استاد ڳوٺاڻن ۽ شاگردن سان گڏ احتجاج ڪيو آھي احتجاج ڪندڙن استاد محمد يونس مھتم امداد سوڍو محب علي نيڪ محمد ۽ ٻين دانھيندي چيو آھي ته تعليم کاتي ۾ ايمرجنسي لاڳو ھئڻ باوجود ڳوٺ سانوڻ سوڍڙو جو بوائز پرائمري اسڪول ۾ سھولتن جي کوٽ آھي اسڪول ۾ فرنيچر نه ھئڻ سبب شاگرد پٽ تي ويھي پڙھڻ تي مجبور آھن جڏھن ته مٺي پاڻي سميت باٿروم جي سھولت موجود ناھي احتجاج ڪندڙن چيو آھي ته اسان تعليم کاتي سکر جي اختيارين کي اسڪول ۾ سھولتن جي کوٽ سميت اسڪول جي مرمتي ڪم لا۽ ڪيترائي ڀيرا درخواستون ڪيون آھن پر ان باوجود اسڪول ڏانھن ڌيان نه پيو ڏنو وڃي بلڊنگ زبون ھجڻ ڪري خوف واري ماحول ۾ ٻارڙا تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آھن احتجاج ڪندڙ نگران سرڪار سميت لاگاپيل انتظاميه جي اعلئ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسڪول ۾ سھولتون مھيا ڪيون وڃن جيئن ڳوٺاڻن جا ٻارڙا بھتر تعليم حاصل ڪري سگھن