ٺڪراٺو ويجھو ڳوٺ نانگورو جي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ميانداد مھر ۾ سھولتن جي کوٽ خلاف ڳوٺاڻن جو شاگردن سان گڏ احتجاجي مظاھرو

رپورٽ موجب ٺڪراٺو ويجھو ڳوٺ نانگورو جي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ميانداد مھر ۾ سھولتن جي کوٽ خلاف ڳوٺاڻن اسڪولي شاگردن سان گڏ احتجاجي مظاھرو ڪري سھولتون نه ملڻ تائين پوليو مھم جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو احتجاجي مظاھرو ڪندڙ ڳوٺاڻن محمد مراد مھر محمد ايوب محمد رحيم شاھنواز مھر والي ڏنو ڪبوتر فقير حبيب الله ميوو منگي ۽ ٻين چيو آھي ته اسڪول ۾ در دريون فرنيچر واش روم چارديواري, پيئڻ جي پاڻي سميت ڪي به بنيادي سھولتون نه ھجڻ ڪري اسڪول ۾ 250 کان مٿي شاگرد سخت تڪليفن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آھن ڪيترائي معصوم ٻار اسڪول ۾ سھولتن جي اڻھوند سبب صرف ديني تعليم حاصل ڪري واپس گھر وڃي مزدوري ڪرڻ ۽ چوپايو مال چارڻ تي مجبور آھن ڳوٺاڻن چيو آھي ته اسان ڪيترائي ڀيرا وزير اعلي سنڌ مراد علي شاھ ۽ تعليم کاتي جي اختيارين کي شڪايتون ڪيون آھن پر ان باوجود اسڪول ۾ سھولتون ناھن ملي سگھيون شاگرد پٽ تي ويھي تعليم حاصل ڪري رھيا آھن احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن ايندڙ پوليو مھم جو بائيڪاٽ ڪندي مطالبو ڪيو آھي ته جيسيتائين سھولتون نه ملنديون تيسيتائين 7 ڳوٺن جا پڙھندڙ ٻارڙن جا والدين پوليو مھم جو بائيڪاٽ جاري رکندا ڇاڪاڻ ته اصل معذوري تعليم نه پرائڻ آھي معذروري ھوندي تعليم وارو ترقي ڪري سگھي ٿو تعليم بنا انسان اڌورو آھي