ٺڪراٺو: ڪپڙن جي سلائي نه ڏيڻ تان مهتم وڙهي پيا لٺين ۽ سروٽن لڳڻ سبب ڇهن عورتن سميت ست ڄڻا زخمي زخمين کي مبارڪپور ٿاڻو نيو ويو جتان پوليس زخمين کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي ترت علاج لاء تعلقه اسپتال اماڻي ڇڏيو

ٺڪراٺو ۾ مھتم برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪپڙن جي سلائي جا پئسا گھرڻ جي ڳالھ تان جھيڙو ٿي پيو آھي جھيڙي ۾ لٺين ۽ سروٽن جي آزاداڻي سبب ٻنھي ڌرين جا 6 عورتن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا آھن زخمين ۾ مسمات صغران شرما پناھ خاتون سڪينا نور جھان ريشما ۽ ذوالفقار مھتم شامل آھن زخمين کي وارث جدا جدا طور تي وارث مبارڪپور ٿاڻي تي کڻائي ويا پوليس ميڊيڪل ليٽر ڏئي زخمين کي تعلقا اسپتال پنوعاقل منتقل ڪري ڇڏيو آھي ٻي پاسي مبارڪپور پوليس رابطي تي ٻڌايو آھي ته مھتم برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو مسئلو ھلندڙ آھي جنھن جو فيصلو نه ٿي سگھيو ھو اڄُ وري ٻنھي ڌرين ۾ ڪپڙن جي سلائي جا پئسا گھرڻ تان جھيڙو ٿيو آھي ميڊيڪل ليٽر اچڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو.