موجب ٺڪراٺو ۾ اڳوڻو وفاقي وزير ۽ پيپلزپارٽي جو مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاھ ٺڪراٺو جي معزز شخصيت حاجي احمد زمان مھتم جي چانھ پارٽي جي دعوت ۾ شرڪت بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي ته انشاء الله پيپلزپارٽي عام چونڊن ۾ پوري ملڪ اندر ڪاميابي ماڻيندي ھن مھل تائين پيپلزپارٽي ڪنھن به پارٽي سان اتحاد ناھين ڪيو خورشيد احمد شاھ شھيد جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري واري سوال جو جواب ڏيندي چيو آھي ته جان محمد اسانجو دوست ھو ڪجھ قاتل گرفتار ٿيا آھن خوشنصيبي اھا آھي ته مک قاتل جي خبر آھي قاتل بچي نه سگھندا ۽ جلد گرفتار ڪيا ويند وڌيڪ چيو ته شاھ محمود قريشي سان پيش آيل واقعي جي تعريف نه ڪنداسين سياست ۾ ائين نه ٿيڻ گھرجي مذمت ئي ڪنداسين جڏھن انھن جي حڪومتي دور ھيو ته چون پيا ته اسانکي خبر ناھي عدالت ڄاڻي ۽ اُھي ڄاڻين ٺڪراٺي جي معزز شخصيت حاجي احمد زمان مھتم جي دعوت تي پھتل سيد خورشيد شاھ وڌيڪ چيو آھي ته 16 سئو استادن جون جايون خالي پيل آھن جيڪڏھن ھا۽ ڪورٽ پابندي نه ھڻي ھا ته استاد ڀرتي ڪري وڃون ھا جلد استاد به مقرر ڪيا ويندا ھن چيو آھي ته ترقياتي ڪم ڪيا آھن جيڪي رھجي ويا آھن اُھي به اڳين پنجن سالن ۾ ڪري وينداسين سيد خورشيد احمد شاھ ڪارڪنن سان تعزيتون ڪيون ۽ روڊن جي ھلندڙ ڪم جو جائزو ورتو آھي