ٺڪراٺو ۾ شھيد صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لا۽ صحافين استادن ۽ شھرين پاران پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو

ٺڪراٺو ۾ شھيد صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لا۽ صحافين استادن ۽ شھرين پاران پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو نعريبازي شھيد جان محمد مھر جا مُک قاتل گرفتار ڪرڻ جو مطالبو رپورٽ موجب ٺڪراٺو ۾ شھيد صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لا۽ صحافين ۽ استادن ۽ شھرين پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو احتجاج ڪندڙ سينيئر صحافي مير حسن منگي واجد سومرو اربيلو مھتم عطا سھتو علي گوھر مھر غلام حسين راڄڙ ڪرم علي نظام الدين قاضي مھتاب علي مھر برڪت علي مھتم ۽ ٻين چيو ته سکر جي سنيئر صحافي شھيد جان محمد کي بيڏوھ قتل ڪيو ويو ھو ڪيس داخل ھئڻ باوجود سکر پوليس ھن مھل تائين اصل جوابدار قاتل گرفتار نه ڪري سگھي آھي احتجاج ڪندڙ آ۽ جي سنڌ ۽ ڊي آ۽ جي سکر کان مطالبو ڪيو ته شھيد صحافي جان محمد مھر جي قتل ۾ ملوث اصل جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي