ٺڪراٺو ۾ مھر برادري جي ماڻھن جو زمين تي قبضي ۽ حملي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي

ٺڪراٺو ۾ مھر برادري جي ماڻھن جو زمين تي قبضي ۽ حملي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاھرو بااثرن کاتي واري زمين تي آبادي ڪرڻ تي حملو ڪري گلزار ۽ شاھنواز مھر کي زخمي ڪيو ڪيس داخل ھئڻ باوجود جوابدار سريعام گھمي رھيا آھن ڳرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن نوٽيس وٺي زمين جو حق وٺرائي ڏنو وڃي ۽ جوابدار گرفتار ڪيا وڃن احتجاج ڪندڙن جو مطالبو
ٺڪراٺو (رپورٽ) ٺڪراٺو ۾ مھر برادري جي ماڻھن زمين تي قبضي ۽ حملي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو احتجاج ڪندڙ فضل رحمان الاھي بخش گلزار علي شاھنواز الھرکيو برڪت علي عبدالقدير مھر ۽ ٻين الزام ھڻندي چيو ته ڪجھ ڏينھن اڳ جوابدارن محمد فضل راجا سلمان حبيب الله بابر ۽ ٻين ڏنڊا ۽ ڪھاڙيون کڻي اچي زمين تي ڪم ڪندڙ اسانجي ماڻھن مٿان حملو ڪيو جنھن جي نتيجي ۾ اسانجا 2 ڄڻا شاھنواز ۽ گلزار زخمي ٿي پيا جنھن بعد حملي جو ڪيس ڪينٽ ٿاڻي تي مٿين جوابدارن مٿان داخل ڪرايو آھي ان باوجود ڪينٽ پوليس جوابدارن کي گرفتار نه پئي ڪري ۽ پئسن عيوض اسانجي مٿان به ڪيس داخل ڪيو ويو آھي احتجاج ڪندڙن چيو ته جوابدار بااثر آھن جيڪي سريعام گھمي رھيا آھن ۽ گڏوگڏ ڳرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون به ڏئي رھيا آھن احتجاج ڪندڙن آ۽ جي سنڌ ڊي آ۽ جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن ۽ سندن پُٺ ڀرائي ڪندڙن کي گرفتار ڪري زمين جو حق اسانکي ڏياريو وڃي.