ٻٻرلوءِ: بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مستحق عورتن جي وظيفي جي ڪيمپ ٻٻرلوءِ مان ٺيڙهي منتقل ڪرڻ خلاف مستحق عورتن جو احتجاجي مظاهرو، ڪيمپ بحال ڪرڻ جو مطالبو ٻٻرلوءِ: بنا جواز ٻٻرلوءِ ڪيمپ کي ختم ڪري ٺيڙهي ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي، ڳرا ڪراوا ۽ بيماري سبب اتي نٿا پھچي سگهون، ٻٻرلوءِ ڪيمپ بحال ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي، ڊي سي خيرپور سميت اعلي اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ٻٻرلوءِ: ڊسٽرڪٽ ڊائريڪٽر معروف ٻانڀڻ رشوت نه ڏيڻ سبب اسٽاف گھٽ ھجڻ جو جواز ڄاڻائي ٻٻرلوءِ جي پراڻي ڪيمپ ختم ڪري ٺيڙهي منتقل ڪري ڇڏيو آهي، ڪيمپ بحال ڪرائي وڃي، مستحق عورتون ٻٻرلوءِ: ڪيمپ منتقل ٿيڻ بعد ٻٻرلوءِ، اڀڙي، فيض واھ، ڪنگاني سميت مختلف علائقن جون مستحق پيرسن عورتون پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور.