“ٻٻرلوءِ: ناصر حسين شاهه جو مستوئي هائوس تي تعزيت”

ٻٻرلوءِ: صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ مستوئي ھائوس ٻٻرلوءِ پهچي مستوئي برادري جي نيڪ مرد وڏيرو غلام نبي خان مستوئي جي لاڏاڻي تي صحافي اعظم مستوئي، وڏيرو ذوالفقار مستوئي، وائس چيئرمين ٽائون ڪاميٽي ٻٻرلوءِ ظفر مستوئي، صحافي ڪامران مستوئي ۽ ٻين سان تعزيت ڪري ڏک جو اظهار ڪيو، ٻٻرلوءِ: وڏيرو غلام نبي خان مستوئي جي وڇوڙي تي دلي صدمو رسيو آهي، ھو پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھميشہ وفادار رهيو علائقي واسين ۾ صلح ۽ ھميشہ مثبت ڪردار ادا ڪندو هو، سندس وفات تي مستوئي برادري سان ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان، سندس خال ڀرڻ ڏکيو آهي، الله پاڪ سندس پونئرن کي صبر عطا فرمائي، سيد ناصر حسين شاھ ٻٻرلوءِ: ان موقعي تي ٽائون چيئرمين سيد محمد شاھ رضوي، شفيع محمد ميمڻ، سيد شاھد شاھ رضوي، عمران مستوئي، گل مستوئي، سيد توفيق شاھ سميت ٻيا موجود هئا.