ٽنڊوآدم ۾ ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ڳورهاري عورت فوت جڏهن ته سندس مڙس زخمي ٿي پيو جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. رپورٽ موجب ٽنڊوآدم ۾ مدينه ڪانٽي وٽ ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽر سائيڪل کي زوردار ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ڳوٺ حيدر خان مري جي رھواسڻ 25 ورهين جي ڳورهاري عورت ثناج ڀٽي ٿڏي تي فوت ٿي وئي جڏهن ته سندس مڙس لياقت ڀٽي زخمي ٿي پيو۔ اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي زخمي ۽ فوتي عورت جي لاش کي تعلقه اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو۔ وارثن موجب عورت چيڪ اپ لاء مڙس سان گڏ اسپتال وڃي رھي ھئي ته حادثو پيش آيو۔ ڊرائيور فرار ٿي ويو۔ بي سيڪشن پوليس ٽريڪٽر ٽرالي کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.