تفصيل موجب ڪشمور لڳ ٽي ڏينهن اڳ نائيچ جي ڀرسان ملڪ لاڙي وٽ ڌاڙيلن ھٿيارين جي زور تي ٽرڪ ڊرائيورن کي اغوا ڪري ويا ھئا جنهن جي ڌاڙيلن ويڊيو وائرل ڪري ڇڏي آهي وحشي درندن ڌاڙيلن ٽرڪ ڊرائيورن کي زنجيرن سان ٻڌي قيد ڪيل مغوين جي جسمن تي پلاسٽڪ کي باھ ڏئي ساڙي پگھاري ھاريو پيو وڃي ٻرندڙ باھ جسم تي ھارجڻ سبب مغوي جون ھان ڏاريندڙ ڪوڪو جڏهن ته ٻئي ويڊيو م ساڳئي مغوي جي جسم تي ھن رت ڄمائيندڙ سردي م ٿڌو پاڻي کيس لٺين سان وسڪارو ء ماريو پيو وڃي ھوڏانھن ضلعي ڪشمور جي پوليس انتظاميا خاموش بڻيل آهي ڪشمور ضلعو ھاڻي ڪشمير بڻجي ويو آهي ھن وقت تائين مغوين جو تعداد انگ وڌي 16 ٿي ويو آهي ڪشمور پوليس مغوين کي بازياب ڪرائڻ م ناڪام ٿي ويا آهن مغوين جي گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي