پاڪستاني نوجوان جي محبت ۾ ڪراچي پهتل آمريڪي عورت 120 ڏينهن کان پوءِ ناڪام واپس رواني

 پاڪستاني نوجوان سان محبت ۾ آمريڪا کان ڪراچي پهتل آمريڪي عورتون اونيجا اينڊريو رابنسن 120 ڏينهن(4 مهينن) کان پوءِ ناڪام ٿي پنهنجي ملڪ واپس موٽي وئي. آمريڪي عورت پرڏيهي ايئر لائين جي اڏام اي ڪي 603 ۾ سفر ڪري رهي آهي جيڪا دبئي جي رستي آمريڪا پهچندي.  نيويارڪ جي رهواسڻ آمريڪي شهري اونيجا اينڊريو رابنسن 11 آڪٽوبر تي نوجوان جي محبت ۾ پاڪستان جي هڪ مهيني جي سياحتي ويزا تي ڪراچي پهتي هئي. ويزا ختم ٿيڻ تي عورت کي 10 نومبر تي ڪراچي کان وڃڻو هو پر هو واپس نه وئي ۽ ڪيترن مهينن کان ڪراچي ۾ دربدر رهي. عورت جو پاڪستاني ويزا ۽ واپسي جو ٽڪيٽ به ختم ڪيو ويو عورت جنوري جي مهيني ۾ ڪراچي ايئرپورٽ جي اندر وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته سيڪيورٽي کيس روڪي ورتو ۽ اي ايس ايف کيس ايئرپورٽ پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو هو. پوليس موجب سنڌ جي گورنر جي مداخلت تي 27 جنوري تي 15 ڏينهن جي لاءِ ايگزٽ پرمٽ جاري ڪيو ويو ۽ فلاحي اداري عورت جي آمريڪا جي واپسي ايئر ٽڪيٽ جو بندوبست ڪري ڇڏيو هو. عورت کي 29 جنوري تي آمريڪا واپس اماڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ايئرپورٽ ي سمورن مرحلن مان گذري عورت اوچتو واپس وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ جهاز تائين پهچڻ کان پوءِ ايئرلائين اسٽاف تي هن زبردستي واپس اماڻن جي شڪايت ڪئي جنهن تي ايئر لائين کيس آف لوڊ ڪري ڇڏيو هو. آمريڪي قونصليٽ جي عملي آمريڪي عورت جي اسپتال ۾ عيادت دوران انهي کي ملڪ واپسي تي راضي ڪيو هو ۽ آمريڪي قونصل خاني طرفان ئي عورت جي لاءِ ٽڪيٽ جو بندوبست ڪيو ويو.