پاڪستان جي آبادي ۾ تيزي سان اضافو، وسيلا گهٽ ٿي رهيا آهن: احسن اقبال

 منصوبه بندي کاتي جي وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان جي آبادي ۾ تيزي سان اضافو جڏهن ته وسيلا گهٽ ٿي رهيا آهن. انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي  منصوبه بندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته انجنيئرز ڪنهن به معاشري ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا. منگلا ڊيم ۽ تريبلا تيار ٿيا، موٽر ويز ٺاهيا ويا، شهر آباد ٿيا، اسان جي نيو ڪليئر پروگرام ۾ به سول انجنيئرز اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته اسان آبادي وڌائڻ جي لاءِ بريڪ کان قدم هٽائي ايڪسليٽر تي رکي ڇڏيو آهي. تازن انگن اکرن ۾ آبادي  2 سيڪڙو مان وڌي 2 سيڪڙو 55 ٿي وئي آهي  پاڪستان دنيا جو پنجون وڏي آبادي  وارو ملڪ بڻجي چڪو آهي جڏهن ته اسان جا وسيلا گهٽ ٿي رهيا آهن. زراعت، فوڊ، سيڪيورٽي تي دٻاءُ آهي ۽ اسان جي انفرااسٽرڪچر جون ضرورتون به وڌي ويون آهن. احسن اقبال چيو ته 2013ع ۾ وفاقي حڪومت جو بجيٽ 340 ارب هو جيڪو 2018 ۾ هڪ هزار ارب ٿي ويو هو هاڻ جڏهن اسان آياسين ته گهٽ ٿي 700 ارب روپيه رهجي ويو آهي. اڄ به منهنجي صبح جي شروعات انهي سوچ کان ٿيندي آهي ته ڪهڙي ڊپارٽمينٽ مان پئسا ڪٽي ڪهڙي ڊپارٽمنيٽ کي ڏيڻا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ گڏجي ڪوششون ڪنداسين ته تمام جلد حالتون تبديل ٿي وينديون.  21هين صدي ۾ ملڪن جي بقا انهي ڳالهه تي آهي ڪنهن جي معيشت ڪيتري مضبوط آهي. جي ٽوئنٽي ۾ وڃڻ لاءِ اسان کان اهو نه پچيو ويندو ته اوهان جو سياسي نظام ڪهڙو آهي، اسان 21هين صدي ۾ داخل ٿي چڪا آهيون. هن چيو ته آزادي جا 77 سال گذري چڪا آهن اسان بحيثيت قوم هڪ وڏو بار کڻي بيٺل آهيون. 77 سالن کان پوءِ اسان پنهنجو مقابلو پاڻ سان ڪنداسين ته بنا ڪنهن شڪ جي هڪ ٽرافي جا حقدار آهيون. آزادي جي وقت اسان هڪ پوئتي پيل ملڪ  هئاسين اڄ اهو ملڪ جنهن جي آفيسن ۾ ڪامن پن نه هئي، اهو هاڻ هڪ ايٽمي ملڪ آهي هر قسم جي صنعت اسان جي ملڪ ۾ موجود آهي اڍائي سئو کان وڌيڪ يونيورسٽيون موجود آهن. وفاقي وزير چيو ته پنهنجي نظريات ۽ سوچ کي برقرار رکندي گڏجي ڪم ڪري سگهون ٿا. دنيا جي ڪابه ٻئي طاقت اسان کي اڳيان نٿي کڻي وڃي سگهي. اڄ انجنيئرز کي پنهنجو ڪردار هڪ برادري جي طور تي تيار ڪرڻو آهي. اسان وٽ وقت ۽ وسيلا گهٽ آهن پر چيلنجز وڏا آهن.