پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جو يوم پيدائش اڄ روايتي جوش جذبي سان ملهايو پيو وڃي. يوم ولادت جي موقعي تي اڄ سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي، سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارا خصوصي تقريبون منعقد ڪندا. قائداعظم جي يوم پيدائش تي ڏينهن جي شروعات وفاق ۽ صوبائي راڄڌاني ۾ توپن جي سلامي سان ٿي. يوم پيدائش جي حوالي سان ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ خصوصي تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن. باني پاڪستان جي يوم پيدائش تي گارڊز جي تبديلي جي پروقار تقريب قائداعظم جي مزار تي منعقد ڪئي وئي جتي پاڪستان ملٽري اڪيڊمي جي دستي گارڊ جا فرض سنڀاليا. قائداعظم جي يوم پيدائش تي سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري، وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي ڪابينه، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب سميت ٻيون اعليٰ سول فوجي اختياريون ۽ اهم شخصيتون مزار تي حاضري ڀريندا ۽ فاتحه خواني ڪندا، اهي شخصيتون قائداعظم جي خدمتن تي کيس خراج تحسين پيش ڪنديون. ٻئي طرف پاڪ فوج جي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي سروسز چيفس قائداعظم کي خراج عقيدت پيش ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج قائداعظم جي وزن ۽ بي مثال قيادت کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي. پاڪستان جي باني جي اڻٿڪ جدوجهد اسان جي عوام کي متحد ڪيو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته قائداعظم محمد علي جناح خودمختار ۽ آزاد پاڪستان جي بنياد رکي. قائداعظم جي اتحاد، ايمان ۽ نظم وضبط جي اصولن تي پابندي سان عمل ڪرڻ جو ارادو ڪريون ٿا.