پاڪستان زمين کان زمين تائين مار ڪندڙ بيلسٽڪ ميزائل شاهين ٽو جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو

پاڪستان زمين کان زمين تائين مار ڪندڙ بيلسٽڪ ميزائل شاهين ٽو جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي. آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان زمين کان زمين تائين مار ڪندڙ بيلسٽڪ ميزائل ٽو جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي جنهن جو مقصد عسڪري تربيت، مختلف ٽيڪنيڪي صلاحيتن ۾ واڌ ۽ ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻو هو. بيلسٽڪ ميزائل جي تجربي جو مشاهدو اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن، آرمي اسٽريٽجڪ فورسز ڪمانڊ، سائنسدانن ۽ اسٽريٽجڪ تنظيمن  جي انجنيئرز ۽ سينئر آفيسرن ڪيو. ڊائريڪٽر جنرل اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن سائنسدانن جي ٽيڪنيڪي صلاحيتن، لگن ۽ عزم جي تعريف ڪئي جن جي ڪارڪردگي سان اها تاريخي ڪاميابي ممڪن ٿي سگهي. صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ سروسز چيفس طرفان سائنسدانن ۽ انجنيئرز کي بيلسٽڪ ميزائل شاهين ٽو جي ڪامياب تجربي تي مبارڪباد ڏني وئي.