تفصيلات موجب وزيراعظم شهباز شريف جي ذاتي ڪوششن سان مني بجيٽ جو خطرو ٽڙي ويو، ذريعن وزارت خزانه ٻڌايو آهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف کي مني بجيٽ نه آڻڻ تي راضي ڪري ڇڏيو. پاکستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ 11 کان 15 نومبر تائين ٿيندڙ ڳالهين جو اندروني احوال سامهون آيو آهي. ذريعن موجب مني بجيٽ جي بدران متبادل ذريعن سان آمدني وڌائڻ جو منصوبو پيش ڪيو ويو، چئرمين ايف بي آر تنخواه دار طبقي کي وڌيڪ ٽيڪس کان بچائڻ ۾ سرگرم رهيا. ذريعن جو چوڻ آهي ته چئرمين راشد لنگڙيال ٽيڪس جي متبادل حڪمت عملي تي آءِ ايم ايف کي قائل ڪيو، ٽيڪس ٽو جي ڊي پي مسئلي ۾ 1.5 سيڪڙو واڌ آئي، آءِ ايم ايف کي بريفنگ ڏني وئي. ذريعن وڌيڪ چيو ته معاشي نظم و ضبط ۽ رائيٽ سائيزنگ سان خرچن ۾ گهٽتائي جو فريم ورڪ ڏنو ويو، البتھ دسمبر تائين ٽيڪس جو هدف حاصل نه ٿيو ته مارچ ۾ مني بجيٽ آڻي سگهجي ٿو. آءِ ايم ايف گندم جي سپورٽ پرائس نه ڏيڻ تي مجبور ڪيو، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن گندم جي سپورٽ پرائس نه ڏيڻ جي هدايت ڪئي، جڏهن ته آءِ ايم ايف گڻڻ جي حڪومت مداخلتي قيمت ڏيڻ کان به منع ڪري ڇڏيو. ذريعن مطابق حڪومت پاڪستان آءِ ايم ايف جي سامهون 2 آرڊيننس لڻڻ لاءِ راضي ٿي، سول سرونٽ ايڪٽ ۾ ترميمن لاءِ آرڊيننس ۽ ٽيڪس چوري روڪڻ لاءِ صوبائي سطح تي انفورسٽمينٽ آرڊيننس آڻي سگهجي ٿو. آءِ ايم ايف کي تشويش آهي ته شمسي توانائي جو رجحان بجلي جي پيداوار جي لاڳت وڌائيندو، گرڊ اسٽيشنز کان بجلي وٺڻ جو رجحان توانائي جي اصلاحات خلاف آهي.