پاڪستان پيپلز پارٽي ڪشمور ضلعي م پارٽي ٽڪيٽ حاصل ڪندڙن اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 191 تي نئون چھيرو سامهون اچي ويو احسان الرحمن مزاري ٻھ دفعا ايم اين اي رھڻ جي باوجود آئوٽ پي ايس 6 تي سردار محبوب علي خان بجاراڻي پي ايس 5 تي چيف سردار مير عابد علي خان سندراڻي ء پي ايس 4 تي عبدالرئوف کوسو اميدوار ن جو اعلان ڪري ڇڏيو مير شبير علي خان بجاراڻي قومي اسيمبلي اين اي 192 جو نالو فائينل نه ٿي سگهيو
تفصيل موجب پاڪستان پيپلز پارٽي ڪشمور ضلعي ۾ پارٽي ٽڪيٽ حاصل ڪندڙ اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 191 تان سردار علي جان مزاري کي پارٽي ٽڪيٽ ڏني وئي آهي. ڪشمور جي تڪ پي ايس 4 تان حاجي عبدالرئوف کوسو کي پارٽي ٽڪيٽ لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي جڏهن ته چيف سردار مير غلام عابد خان سندراڻي کي پي ايس 5 تان پارٽي ٽڪيٽ لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي، ھوڏانھن سردار مير محبوب علي خان بجاراڻي کي پي ايس 6 تنگواڻي جي تڪ تان اميدوار نامزد ڪيو ويو آهي.پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي ٻه ڀيرا ايم اين اي ۽ ٻه ڀيرا وفاقي وزير بڻيل سردار احسان الرحمان مزاري پارٽيءَ جي ٽڪيٽ نه وٺي سگهيو.ء ان کي ھن ڀيري آئوٽ ڪري ڇڏيو ء نئون چھيرو سامهون اچي ويو آهي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 191 لاءِ سردار علي جان مزاري غير ملڪي تعليم يافته نوجوان ۽ حلقي جي عوام لاءِ هڪ نئون چهرو آهي. پي ايس 5 ڪنڌڪوٽ مان مسلسل 4 ڀيرا ايم پي اي چونڊيل سردار مير عابد خان سندراڻي پنج ڀيرو اليڪشن وڙهندو ٻئي طرف اڳوڻي صوبائي وزير مير شبير علي خان بجاراڻي قومي اسيمبلي اين اي 192 تڪ جو فائينل نالو اچي سگهيو آهي