پاڪستان: ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدو وڌيڪ دير جو شڪار

پاڪستان :۽ عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدو وڌيڪ دير جو شڪار ٿي ويو آهي.پاڪستان لاءِ آءِ ايم ايف جي مشن چيف نيتهن پورٽر جو اهم بيان سامهون اچي ويو. آءِ ايم ايف اسٽاف ليول معاهدي لاءِ ضروري فنانسنگ جي انتظامن جو مطالبو ڪري ڇڏيو.آءِ ايم ايف مشن چيو آهي ته ضروري فنانسنگ ۽ معاهدو طئي ٿيڻ کان پوءِ ئي نائين جائزي کي حتمي شڪل ڏئي سگهبي. قرض پروگرام جي بحالي لاءِ آءِ ايم ايف پاڪستاني اختيارين سان ملي ڪم جاري رکندو.ياد رهي ته ان کان اڳ عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) پاڪستان جي اهم دوست ملڪن طرفان مالي امداد جي اعلان جي آجيان ڪئي هئي.ياد رهي ته ان کان اڳ عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) پاڪستان جي اهم دوست ملڪن طرفان مالي امداد جي اعلان جي آجيان ڪئي هئي. نيتهن پورٽر چيو هو ته پاڪستاني وفد ۽ آءِ ايم ايف اسٽاف جي تازين ملاقاتن ۾ مضبوط پاليسين کي برقرار رکڻ تي اتفاق ٿيو آهي. ان پاليسين تي عمل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مدد لاءِ خاطر خواهه مالي مدد حاصل ڪرڻ جي ضرورت تي به اتفاق ڪيو ويو.