طبي ۽ سماجي معاملن جي ماهرن چيو آهي ته پاڪستان ۾ آبادي جو بم ڦاٽڻ وارو آهي ان کي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته وڏي پيماني تي تباهي ٿيندي. لاهور ۾ مير خليل الرحمان سوسائٽي جي اهتمام هيٺ سيمينار کي خطاب ڪندي پاپوليشن کاتي جي ڊي جي ثمن راءِ ۽ پرنسپل سمز ڊاڪٽر زهره خانم چيو ته آبادي تي ڪنٽرول سان گڏوگڏ وسيلن ۾ اضافو به تمام گهڻو ضروري آهي. ماهرن موجب نئين نسل ۾ بيمارين جو هڪ سبب سئوٽ ۽ ويجهي مائٽ سان شادي آهي، عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ جي لاءِ آبادي تي ڪنٽرول جي مهم جاري رهڻ گهرجي. ٻين مقررين چيو ته وڌندڙ آبادي جي ڪري شرح خواندهي ۾ گهٽتائي آهي، وڌيڪ آبادي اسان جي معيشت تي وڏو بار آهي، غريب طبقي کي آبادي تي ڪنٽرول ڪرڻ جي آگاهي ڏيڻ وقت جي گهرج آهي. سينئر صحافي واصف ناگي چيو ته آبادي تي ڪنٽرول جو مضمون تعليمي نصاب ۾ شامل ٿيڻ گهرجي. اسان کي وڌ کان وڌ آبادي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سيمينار گهرائڻ گهرجن ۾ ان ۾ ماڻهن کي آگاهي ڏيڻ گهرجي.