پاڪ آمريڪا واپاري معاهدي جا اهم تفصيل سامهون اچي ويا

پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ طئي ٿيل واپاري معاهدي جا اهم تفصيل سامهون اچي ويا آهن جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري معاهدي جا نڪتا قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيا ويا آهن پاڪ آمريڪا واپاري معاهدي جا اهم نڪتا واپاري واري وزارت ايوان ۾ پيش ڪيا، واپار واري وزارت چيو ته آمريڪا معدنيات جي شعبي ۾ سرمائيڪاري ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. آمريڪا ٽامو، لوهه، فولاد، ايلومينيئم درآمد تي 50 سيڪڙو ٽيڪس لڳايو آهي، آمريڪا ريفائن ٽامي کي 50 سيڪڙو ٽيڪس کان آجو قرار ڏنو آهي واپاري واري وزارت چيو ته پاڪستان لاءِ آمريڪا کي ريفائن ٽامي جي برآمد فائديمند ثابت ٿيندي، پاڪستان ٽامي جا ذخيرا رکندڙ دنيا جو پنجون وڏو ملڪ آهي، پاڪستان کي عالمي سطح تي معدنيات جو ڀروسي جوڳو سپلائر جي طور تي متعارف ڪرائينداسين پاڪستان جي حڪومت ورڪنگ گروپ، اسٽيئرنگ ڪميٽي آمريڪا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي واپار واري وزارت ٻڌايو ته ناڻي واري وزارت جي سربراهي هيٺ اسٽيئرنگ ڪميٽي 3 نڪتن تي ٻڌل حڪمت عملي واضح ڪئي آهي. اسٽيئرنگ ڪميٽي جي حڪمت عملي جو مقصد پاڪستاني برآمدات تي اثر گهٽ ڪرڻ آهي. پاڪستان آمريڪا جو واپاري خسارو گهٽ ڪرڻ لاءِ درآمدات ۾ اضافو ڪندو. واپار واري وزارت چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي حڪومت مصنوعات تي ٽيڪسز جي باري ۾ ڳالهيون ڪنداسين. گهٽ ٽيڪسز وارين پاڪستاني شين کي آمريڪي منڊين تائين بهتر پهچ ڏني ويندي. غير محصولاتي، رنڊڪن جو جائزو وٺي انهي کي ختم يا نرم ڪيو ويندو. واپار واري وزارت موجب پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ فريم ورڪ تي اتفاق ٿي ويو آهي. آمريڪا پاڪستاني برآمدات تي ٽيڪس 29 کان 19 سيڪڙو ڪري ڇڏيو آهي.