پريالوءِ جي.مڙهي ڪالوني مان نالين جو ڪنو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو . ڪالوني جي رهواسين جو ٽائون انتظاميه خلاف احتجاج

پريالوءِ جي.مڙهي ڪالوني مان نالين جو ڪنو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو . ڪالوني جي رهواسين جو ٽائون انتظاميه خلاف احتجاج . اسان جي ڪالوني مان ڪنو پاڻي نيڪال نه ٿيو ته ٽائون انتظاميه خلاف شٽربند هڙتال ڪري ڌرڻو هڻنداسين . ڪالوني جا رهواسي . تفصيل موجب پريالوءِ جي مڙهي ڪالوني مان نالين جو ڪنو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري ڪالوني جي رهواسين سرور ڀٽو . زاهد لاکو . ظهيرميمڻ .امتياز گلال . عبدارشيد مهر جي اڳواڻي ۾ ٽائون انتظاميه پريالوءِ خلاف احتجاج ڪندي چيوته اسان جي ڪالوني ۾ گذريل پنج ڏينهن کان نالين جو ڪنو پاڻي ٽائون انتظاميه نيڪال نه ڪرائي سگهي آهي جنهن ڪري اسان جي دوڪانن اڳيان نالين جو ڪنو پاڻي بيٺل آهي جنهن ڪري اسان جي ڪاروبارسخت متاثر پئي ٿئي هنن وڌيڪ داهيندي چيوته اسان پنهنجي ڪالوني مان پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ ٽائون ڪاميٽي پريالوءِ چيئرمين سيد جمن شاهه کي به چيوپر هن مهل تائين چيئرمين اسان جي ڪالوني مان پاڻي نيڪال نه پيوڪرائي جنهن ڪري اسان سخت پريشان آهيون هنن اختيارين کان نوٽس وٺڻ جو پڻ مطالبو ڪيو