پريالوءِ جي نجي اسپتال ۾ ڊرپ چاڙهڻ دوران ريئڪشن ٿيڻ سبب 9 مهينن جو معصوم احمد رضا پٽ هدايت الله بڙدي تڙپي فوت ٿي ويو. ڳوٺ الهداد بڙدي جو رهواسي هدايت الله بڙدي پنهنجي پٽ کي بخار سبب علاج لاءِ غلام حيدر سومرو اسپتال کڻي ويو، جتي ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر پاران ڊرپ چاڙهڻ بعد ٻارڙي جي حالت خراب ٿي وئي. ڊاڪٽر وارثن کي خيرپور اسپتال وڃڻ لاءِ چيو، پر ٻارڙو رستي ۾ فوت ٿي ويو. فوتي احمد رضا جي والد هدايت الله ۽ چاچو ثناءُ الله بڙدي اسپتال جي ڊاڪٽر تي لاپرواهيءَ جو الزام لڳائيندي چيو آهي ته ٻارڙي جي فوت ٿيڻ جو سبب ڊرپ ريئڪشن آهي. وارثن حڪومت ۽ صحت کاتي کان مطالبو ڪيو آهي ته ڊاڪٽر خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي