پريالوءِ : سولنگي جاگيراڻي تڪرار تان پوليس جي هڪ طرفي ڪارروائي ۽ جاگيراڻي برادري جي چڱن مڙسن جي گرفتاري خلاف جاگيراڻي برادري جي ماڻهن پاران پيرجوڳوٺ سکر روڊ تي پوليس زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو اعلي اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو پوليس هٿ سان جهيڙو ڪرائڻ ٿي چاهي اسان اڳ به امن لاءِ راضي هئاسين پر سولنگي برادري هميشه اڳرائي ڪري جيهڙو وڌايو آهي جاگيراڻي برادري جو معقف ان حوالي سان جاگيراڻي برادري جي استاد سرور جاگيراڻي ضمير جاگيراڻي آسودو خان زخمي جاگيراڻي ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سولنگي جاگيراڻي تڪرار تان ايس ايس پي خيرپور جاگيراڻي برادري جي چڱن مڙسن عبدالخالق جاگيراڻي عبدالستار جاگيراڻي عبدالرزاق جاگيراڻي آصف جاگيراڻي معشوق علي جاگيراڻي سميت ٻين مغززين کي پاڻ وٽ ڳالهين لاءِ گهرائي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي جنهن مان صاف ظاهر آهي ته پوليس هڪ طرفي ڪارروائي ڪري جاگيراڻي برادري جي چڱن مڙسن کي گرفتار ڪري امن نه ٿي چاهي ڇو ته جاگيراڻي برادري جا چڱا مڙس گرفتار هوندا ته فيصلو ڪيئن ٿيندو هنن چيو ته اڳرائي به سولنگي برادري پئي ڪري ۽ حملا به اسان جي گهرن مٿان پيا ٿين پر پوليس انھن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ کين تحفظ فراهم پئي ڪري اسان اڳ به امن چاهيو آهي ۽ هاڻي به امن چاهيو ٿا هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي فورن اسان جي چڱن مڙسن کي آزاد ڪيو وڃي