پريالوءِ شهر جي ميمڻ پاڙي جو رهواسي بدرالدين ميمڻ جو 12 ورهين جو پٽ محمد صحد ميمڻ گذريل 7 ڏينهن کان پراسرار نموني گم آهي. محمد صحد جو وڏو ڀاءُ، صحافي حمادالله ميمڻ ٻڌايو ته سندس ڀاءُ مستانو آهي ۽ هو گذريل هفتي پنهنجي گهران نڪري واپس نه موٽيو. هن چيو ته اسان پنهنجي وس آهر هر هنڌ سندس ڳولا ڪئي آهي، پر ڪٿي به ڪو پتو نه مليو. محمد صحد جي والد بدرالدين ميمڻ جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي پٽ جي ڳولا ۾ پريالوءِ شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ پڻ ويو، پر ڪو سراغ نه مليو. هن ٻڌايو ته سندن سڄو خاندان سخت پريشاني ۾ مبتلا آهي ۽ هن اختيارين کان اپيل ڪئي ته سندس گم ٿيل پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.