پريالوءِ :عمران علي اوڍو. پريالوءِ پريس ڪلب جو جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويو

پريالوءِ (رپورٽر) – پريالوءِ جي نوجوان، باصلاحيت ۽ سرگرم صحافي عمران علي اوڍو بنا ڪنهن مقابلي جي پريس ڪلب پريالوءِ جو جنرل سيڪريٽري منتخب ٿي ويو.

ان سلسلي ۾ صحافتي، سياسي ۽ سماجي حلقن طرفان عمران علي اوڍو کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪئي وئي. مبارڪباد ڏيندڙن چيو ته هي ڪاميابي نه صرف سندس محنت، ايمانداري ۽ صحافتي خدمتن جو نتيجو آهي، پر پريالوءِ جي نوجوانن لاءِ پڻ فخر جو باعث آهي.

صحافتي ۽ سماجي شخصيتن اميد ظاهر ڪئي ته عمران علي اوڍو پنهنجي ذميوارين کي نڀائيندي صحافتي برادري جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکندو ۽ علائقي جي ماڻهن جي اهم مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۾ اڳڀرو رهندو