پريالوءِ نيوزسنڌودرياهه ۾ پاڻي مسلسل چاڙهه . الراجاگير . فيض محمد ٻنڊو جو ڪچي وارو علائقو ٻڏي ويو

سنڌودرياهه ۾ پاڻي مسلسل چاڙهه . الراجاگير . فيض محمد ٻنڊو جو ڪچي وارو علائقو ٻڏي ويو . الراجاگير . ناريجا لوپ . فريد آباد بچاءُ بند تي پاڻي جو دٻائو ۾ واڌ . 45 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي جي گهيري ۾ . علائقي مان لڏ پلاڻ جاري . آبپاشي عملو غائب . تفصيل موجب سنڌودرياهه مسلسل چاڙهه بعد پريالوءِ جو الراجاگير ۽ ٻنڊو فيض محمد ٻنڊو جو ڪچي وارو علائقو پاڻي سان ڀرجڻ بعد درياهه جو پاڻي الراجاگيرچاءُ بند زيروپوائنٽ 3 . 4 ۽ 5 ميل . راکالانڊهي ناريجا لوپ بند سميت ٻين علائقن ۾ پاڻي تار ٿي ويو آهي . هوڏانهن پاڻي مسلسل چاڙهه ڪري الراجاگيربچاءُ بند زيرو پوئنٽ وٽ پاڻي جو دٻاءُ هئڻ ڪري آبپاشي انتظاميه ڪرين مشين بيهاري ڇڏي هوڏانهن ڪچي ۾ پاڻي ۾ واڌ ٿي وڃڻ ڪري ڪچي ۾ رهندڙ 45 کان وڌيڪ ڳوٺ اتيراءُ . ڳوٺ عبدالعزیز ناريجو، ڳوٺ گڊو ناريجو، ڳوٺ محمد پيرل ناريجو .ڳوٺ پيارل ناريجو، غلام سرور ناريجو، مينگهو خان خروس محمد سچل خروس، وڏيرو گل حسن منڱنيجو، دين محمد منڱنيجو، ۽ ٻيا ڪيترائي ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ اچي ويا آهن جنهن ڪري ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت لڏ پلاڻ جو سلسلو تيزيءَ سان شروع ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته تيز برسات سبب الرا جاگير بچاء بند کي مختلف هنڌن تان 5 کان 10 فٽن تائين روڻون پئجي ويون آهن علائقي واسين ڳڻتي ظاهر ڪندي علائقي جي سياسي سماجي ڌرين جو چوڻ آهي ته جنهن طريقي سان ٻوڏ جو پاڻي تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي ۽ آب پاشي عملدارن جي ڪن لاٽار ۽ نااهلي کي ڏسندي بچاء بند ٽٽڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ان سلسلي م سڄاڻ ڌرين طرفان اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ويو ته آبپاشي عملدارن جي نااهليءَ جو نوٽيس وٺي الرا جاگير بچاء بند جون روڻيون بند ڪري رات ڏينهن بند جي نگراني شروع ڪئي وڃي ته جيئن ڪنھن به اڻ وڻندڙ صورت حال کان بچي سگهجي