پريالوءِ ڀرسان سولنگي ۽ جاگيراڻي برادري ۾ هلندڙ ڪارنهن معاملي تان ڇڪتاڻ بعد قتل ڪيل مقتول جان محمد سولنگي جي قتل واقعي خلاف سولنگي برادري جو وڏاماڇيون جي راهوجا اسٽاپ وٽ پيرجوڳوٺ . پريالوءِ ۽ خيرپور روڊ تي باهه ٻاهري ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري پوليس انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪئي . احتجاج ڪندڙ سولنگي برادري جو چوڻ آهي ته ايس ايس پي خيرپور جاگيراڻي ڌر جو ونگارو بڻيل آهي هنن چيوته پوليس اسان جي ڳوٺ واهڻ سولنگي ۾ 5 گهر به ڊارهي پٽ ڪري وئي آهي