پريالوءِ ڀرسان سولنگي ۽ جاگيراڻي برادري ۾ ڪارنهن معاملي تان شروع ٿيل خون ريزي جي خاتمي لاءِ سولنگي برادري جي طرف کان سولنگي سميت علائقي جي معززن جي اڳواڻي ۾ جاگيراڻي برادري ڏانهن ميڙ منٿ قافلو پهتو . جاگيراڻي برادري پاران چڱن مڙسن کي مان ڏيندي ٻن ڏينهن جي مهلت ورتي . تفصيل موجب پريالوءِ ڀرسان ڪوٽ پل واري علائقي ۾ سولنگي ۽ جاگيراڻي برادري ۾ ڪارنهن جي معاملي تان شروع ٿيل خوني جهيڙي جي خاتمي لاءِ سولنگي برادري جي طرف کان سيد زمان شاهه راشدي . سيد علي حيدر شاهه راشدي. حسين بخش ناريجو . امداد علي سولنگي . سليم الله سولنگي سميت جتوئي . جلباڻي سميت ٻين مختلف برادري جي چڱن مڙسن جي اڳواڻي ۾ ميڙ منٿ قافلو جاگيراڻي برادري جي ڳوٺ عبدالستار جاگيراڻي جي جاراڻي پاڙي ۾ چڱي مڙس عبدالستار جاگيراڻي جي رهائش گاهه تي پهچي جاگيراڻي برادري جي چڱن مڙسن کي سندن مخالف ڌر سولنگي برادري سان ٺاهه ڪرڻ لاءِ منٿون ڪيون جنهن تي جاگيراڻي برادري جي معززن عبدالستار جاگيراڻي . عبدالخالق جاگيراڻي سميت ٻين ميڙ۾ آيل معززن کي مان ڏيندي سولنگي برادري سان ٺاهه ڪرڻ لاءِ ٻن ڏينهن جي مهلت جي گهر ڪئي جنهن تي ميڙ۾ آيل معززن پاران فائربندي جي خاطري وٺندي جاگيراڻي برادري کي سوچڻ لاءِ مهلت ڏني يادرهي ته سولنگي ۽ جاگيراڻي برادري ۾ ڪارنهن جي معاملي تان شروع ٿيل خوني ويڙهه سبب فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ ڪري جاگيراڻي برادري جي طرف کان هڪ عورت فهميده جاگيراڻي قتل جڏهن ته سولنگي ڌر طرف کان هڪ نوجوان آصف سولنگي پڻ زخمي ٿيو پيو جنهن بعد ٻنهي ڌرين جا ماڻهون هٿياربند مورچا بند ٿيل آهن