پريالوءِ ڀرسان هڪ مهينو اڳ تعمير ٿيل روڊ اکڙي ويو ، پٿر نڪري آيا ، حادثه ٿيڻ روز جو معمول بڻيل ، ڳوٺاڻن جو ٺيڪيدار خلاف احتجاجي مظاهرو

پريالوءِ ڀرسان هڪ مهينو اڳ تعمير ٿيل روڊ اکڙي ويو ، پٿر نڪري آيا ، حادثه ٿيڻ روز جو معمول بڻيل ، ڳوٺاڻن جو ٺيڪيدار خلاف احتجاجي مظاهرو ، غير معياري روڊ ٺاهيندڙ خلاف ڪاروائي جو مطالبو تفصيل موجب پريالوء هڪ مهينواڳ تعمير ٿيل روڊ ۾ غير معياري مٽيرل جي استعمال سبب روڊ مڪمل خور تي اکڙجي وڃڻ سبب روڊ ۾ کڏا پئجي وڃڻ ڪري حادثه ٿيڻ روز جو معمل بڻجي ويو آهي هڪ مهينو اڳ ۾ تعمير ٿيڻ بعد روڊ اکڙجڻ خلاف ڳوٺاڻن حاجي مهر ، محمد صالح مهر ، غلام فاروق مهر بشير مهر جي اڳواڻي ۾ ڳوٺاڻن پريالوء ويرم ڳوٺ روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪندي صحافين کي ٻدايو پريالوء شهر کان ويرم ڳوٺ تائين هڪ مهينو اڳ ٺهيل روڊ ۾ ٺيڪيدار عبدالقيوم ڦلپوٽو روڊس کاتي جي عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري روڊ جو غير معياري ڪم ڪرائي ويو جنهن ڪري ٺهيل روڊ هڪ مهيني اندر کي تباهه ٿي ويو آهي جنهن سبب روڊ تي حادثه ٿيڻ روز جو معمول بڻيل آهن ۽ هن مهيني اندر 8 کان وڌيڪ ڳوٺاڻا حادثن سبب زخمي ٿي پيا آهن هنن وڌيڪ ڌانهيو ته روڊ جي تباهه ٿيڻ جو روڊس کاتي جي عملدارن کي لکت ۾ درخواست ڏيڻ جي باوجود ڪوبه تدارڪ ڪونه ٿيو آهي مظاهرين وزير اعلي سنڌ ، ڊي سي خيرپور کان ٺيڪيدار خلاف ڪاروائي جي گهر ڪندي روڊ جي ٻيهر تعمير ڪرائي ڳوٺاڻن کي سهولت فراهم ڪئي وڃي