پريالوءِ ڀرسان ٻنڊو فيض محمد ناريجو لنڪ روڊ ڳوٺ ملان مٺل ناريجو وٽ ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمهون سامهون زردار ٽڪر ٿي پيو

پريالوءِ ڀرسان ٻنڊو فيض محمد ناريجو لنڪ روڊ ڳوٺ ملان مٺل ناريجو وٽ ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمهون سامهون زردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن جن مان ڳوٺ ملان مٺل جو رهواسي انور علي ناريجو (مٺاڻي) شديد زخمي ٿي پيو آهي جڏهن ته سندس پٽ پڻ زخمي ٿي پيو آهي ٻئي طرف ڳوٺ امام بخش ناريجو جو رهواسي فرمان علي پٽ صدرالدين ناريجو( بکراڻي) ۽ ان سان گڏ ٻه عورتون پڻ زخمي ٿي پيون آهن جن کي وارثن کارگو رکشي ذريعي کڻائي اسپتال پهچايو ويو