ان موقعي تي اڳواڻن مولوي عبدالرشيد، مفتي ثناء الله جمالي، دوست علي عباسي ۽ ٻين چيو ته سڄي دنيا اندر اسرائيل جي دهشتگردي وڌي رهي آهي، پر خاص طور تي اسلام ۽ مسلمانن خلاف، جڏهن ته اسرائيل فلسطين مٿان مسلسل بمباري ڪندي حملا ڪري رهيو آهي، جنهن حملن ۾ ڪيترائي فلسطيني مرد، عورتون، معصوم ٻار شهيد ٿي رهيا آهن، اڳواڻن وڌيڪ چيوته اسرائيل سرعام دهشتگردي ڪري ايران ۾ اسماعيل حانيه کي شهيد ڪيو جنهن واقعي خلاف به بين الاقوامي ملڪ خاموش بڻيل آهن . اڳواڻن وڌيڪ چيوته اسرائيل جو اهڙو عمل انساني حقن وارين تنظيمن، مغربي ملڪن کي نظر نه ٿيون اچن، خاص ڪري آمريڪا کي نظر نه پيون اچن، اڳواڻن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته اسرائيل ناجائز رياست آھي جيڪا مظلوم فلسطينن کي شھيد ڪري ٺاهي وئي آھي اسرائيل فلسطين جي سرزمين تي قابض آھي جتي وڏي عرصي کان ظلم ۽ بر بريت جو راڄ آھي مظلوم فلسطينين مٿان اسرائيل ظلمن جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏيا آهن، جنهن عمل جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي اقوام متحده کان گهر ٿا ڪريون ته اسرائيل پاران معصوم فلسطينين مٿان حملن کي فوري طور تي بند ڪرايو وڃي