پريالوءِ (رپورٽر ) پريالوءِ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت وظيفي جي رقم حاصل ڪرڻ لاءِ علائقي جي مستحق عورتون سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيون آهن. وظيفي جي رقم حاصل ڪرڻ لاءِ علائقي ۾ سينٽر بند هجڻ سبب پريالوءِ، ڳاڙھي موري، ڪوٽ پل ، ڪوٽ مير محمد ۽ آسپاس جي ڳوٺن جون عورتون مختلف شهرن جا ڌڪا کائڻ تي مجبور ٿي ويون آهن. جنهن ڪري هوءَ سخت پريشان آهن. علائقي جي عورتن جو چوڻ آهي ته وظيفو حاصل ڪرڻ لاءِ کين ڳوٺن کان ٻاهر شهرن جو سفر ڪرڻو پوي ٿو، جتي ڊگهيون قطارون لڳائي رقم وصول ڪرڻي پوي ٿي، جيڪا وڏي ڏکيائيءَ جو سبب بڻجي رهي آهي. ڪيترن ئي عورتن کي پريشانيءَ سبب پنهنجي وظيفي جي رقم وٺڻ ۾ به مشڪلاتون ٿي رهيون آهن. علائقي جي رهواسين موجب، پريالوءِ ۾ سينٽر بند ٿيڻ سبب مستحق عورتون دربدريءَ جو شڪار بڻجي ويون آهن. کين پنهنجي پئسن لاءِ ڪڏهن ڪهڙي ته ڪڏهن ڪنهن ٻي شهر وڃڻو پوي ٿو، جنهن سان سندن معاشي مسئلا پڻ وڌي ويا آهن. مستحق عورتن ڊپٽي ڪمشنر خيرپور، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنگري ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي اعليٰ عملدارن کان اپيل ڪئي آهي ته فوري طور تي نوٽيس وٺي پريالوءِ ۾ سينٽر ٻيهر کوليو وڃي. سندن چوڻ آهي ته سينٽر جي بحالي سان نه رڳو سندن پريشانيون ختم ٿينديون پر وظيفو آسانيءَ سان حاصل ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملندي. هنن چيو ته حڪومت جي ذميواري آهي ته اهي علائقن ۾ اهڙي سهولتن کي يقيني بڻائي، جيئن مستحق عورتون مشڪلاتن کان بچي پنهنجا حق حاصل ڪري سگهن.