پريالوءِ ۾ چمبڙ تعلقي جي صحافي صوبيا کوسو کي ملندڙ ڌمڪيون جي پريالوءِ جي صحافين جو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو

پريالوءِ چمبڙ جي صحافي صوبيا کوسو کي ڌمڪيون ڏيندڙ خلاف پريالوءِ جي صحافين جو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو جي اڳوڻي صوبل اوڍو عبدالجبار ميراڻي، ثناءﷲ بلوچ ،محمد انور ناريجو، ظفر بلوچ، عمران علي اوڍو ،نصرالله کيڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرو ڪيو مظاهري جي اڳواڻن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته صحافي صوبيا کوسو پاران منشيات خلاف خبرون هلائڻ تي منشيات، آئيس، وسڪي سفينا جي وڏن ڊيلرن اياز رند، اصغر رند ۽ سندن ٻين ساٿين صحافي صوبيا کوسو جي گھرواريءَ تي قاتلاڻو حملو ڪري وڏي ناجائزي ڪئي آهي هي حملو صحافي جي گهر تي نه بلڪ حق سچ لکندڙن تي حملو آهي اھڙي گنڌي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا چمبڙ جي ضلعي انتظاميه کان گھر ٿا ڪيون ته صحافي صوبيا کوسو جي گهرواري تي قاتلاڻو حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري انھن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي