پريالوءِ شهر جي ميمڻ پاڙي جو رهواسي بدرالدين ميمڻ . صحافي حمادالله ميمڻ جو ننڊو ڀاءُ 12 ورهين جو محمد صحد ميمڻ گذريل ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي . صحافي حمالدالله ميمڻ جو چوڻ آهي ته پراسرار نموني گم ٿيل ننڊو ڀاءُ محمد صحد ميمڻ مستانو آهي ۽ هو گذريل ڏينهن کان پنهنجي گهران نڪري ويو ته واپس گهر نه موٽيو گم ڄاڻايل نينگر محمد صحد ميمڻ جي پيءُ بدرالدين ميمڻ جو چوڻ آهي ته مان پنهنجي پٽ جي ڳولها پريالوءِ شهر سميت ڀرپاسي جي ٻين شهرن ڏانهن به ڳولها ڪئي پت کيس ڪٿان به ڏس پتو نه مليو جنهن ڪري اسان سخت پريشان آهيون . هنن اختيارين کان سندس گم ڄاڻايل پٽ جي ڳولها ۾ مدد جي اپيل ڪئي