پريالوء ڀرسان ڳوٺ کولرا ڀرسان پير شاني شاھ م گذريل سومر ڏينهن ناريجا سولنگي خوني تڪرار تان ناريجا برادري جي هٿياربندن هٿان قتل ٿيل مقتول محمد يامين سولنگي ۽ ثناءﷲ سولنگي جو قتل ڪيس مقتول ثناءﷲ سولنگي جي پي صدورو سولنگي جي فرياد تي پريالوء جي ڪچي واري فيض محمد بندو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائيندي مقتول ثناءﷲ سولنگي جي پي صدورو سولنگي موقف اختيار ڪيو ته 6 جنوري سومر ڏينهن تي ناريجا سولنگي تڪرار تان ناريجا برادري جي 35/36 جي هٿياربندن بناجواز حملو ڪري جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري سندس پٽ ۽ ڀائٽي محمد يامين سولنگي کي بيدردي سان گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو ۽ اسان جوابدارن کي سڃاتو جن م يوسي الرا جي چيئرمين حسين بخش ناريجو، احمد عرف احمدو ناريجو، فيض محمد ناريجو ممتاز علي ناريجو، واحد بخش ناريجو دادن عرف ڏاڍو ناريجو، عبدالجبار، ذوالفقار ناريجو سميت 30 سڃاتل ۽ 5 ان سڃاتل جوابدارن ناريجا سولنگي تڪرار تان بيگناھ فائرنگ ڪري منهنجي پٽ ثناء ﷲ سولنگي ۽ ڀائٽي محمد يامين سولنگي قتل ڪري ظلم ڪيو آهي جو فريادي آهيان ته مٿين جوابدارن کي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي پوليس ڪيس داخل ٿيڻ بعد جوابدارن جي گرفتاري لاء ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن