پريالوء ٽائون انتظاميه جي نااهليءَ ۽ بي ڌياني سبب پريالوءِ شھر کي گندگيء جي ور چڙهي ويو آهي اهڙن خيالن جو اظهار پ پ شھيد ڀٽو گروپ جي اڳواڻ ۽ پريالوء جي صدر الله ڏنو لوھر پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو انهيءَ موقعي تي هن ته پريالوء جي ٽائون انتظاميه پريالوء شهر کي ڪچهري جو ڍير بڻائي ڇڏيو آهي گندگي ۽ بدبوء شهرين جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي هن چيو ته موجوده ٽائون چيئرمين سيد جمن شاه گذريل 30 سالن کان پريالوء جي چيئرمين شپ حاصل ڪرڻ لاء ڪوشش ڪري رهيو هو جنهن کان پوءِ کيس پريالوء جي چيئرمين شپ ڏني وئي آهي هن چيو ته جيڪو شخص پنهنجي ذاتي مفاد لاءِ عهدو حاصل ڪندو هجي اھو شخص عوام جي ڪهڙي خدمت ڪندو هن چيو ته پريالوءِ جو ٽائون چيئرمين سيد جمن شاهه پريالوءِ شھرجي لاءِ ٺهيل پاڻيءَ جي ٽانڪي کي ڊاهي ان مان حاصل ڪيل لکين روپين جا لوها سريعا ۽ هيوي پائيپ ڪڍي وڪرو ڪري لکين رپيا هڙپ ڪري ڇڏيا آهن . جڏهن ته ان کان علاوه شهرين جي لاءِ ٺهيل سبزي ۽ گوشت مارڪيٽ جي دوڪانن جي ڇتن تان پڻ رات جي اونداهيءَ م لوهه پٽرائي ڪٻاڙي جي دوڪانن ته وڪرو ڪري پئسا هڙپ ڪري ويو آهي هن چيو ته سيد جمن شاه پريالوءِ جي شھرين کي مليل ڪرڪيٽ گرائونڊ جو پلاٽ پڻ وڪرو ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي جيڪو عمل ڪنھن به صورت م قبول نه ڪيو ويندو انهيءَ موقعي تي هن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ٽائون ڪاميٽي پريالوء جي چيئرمين جي ڪرپشن جو نوٽس وٺي انڪوائري ڪري شهرين م پکڙيل بي چئني ختم ڪئي وڃي